چانڊيو، شادي خان ۽ سندس مقبرو

چانڊيو، شادي خان ۽ سندس مقبرو

چانڊيو شادي خان ۽ سندس مقبرو

چانڊيو، شادي خان ۽ سندس مقبرو: شادي خان ولد سالار خان چانڊيو، ٽالپرن جي دور ۾ سڪرنڊ جو مشهور زميندار ۽ هلندي چلندي وارو شخص ٿي گذريو آهي. شادي خان، خيرپور جي والي مير سهراب خان ٽالپر جو درٻاري هو. محرم 1205هه ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه تعلقي سڪرنڊ ۾ سندس نالي پويان قائم ڳوٺ شادي خان چانڊيي جي ڀر ۾ ’راهو رتول قبرستان‘ ۾ موجود آهي. سندس مزار مٿان عاليشان مقبرو جڙيل آهي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر 17x17 فوٽ ۽ اوچائي 26 فوٽ آهي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون ۽ گچ گارو استعمال ٿيل آهي. ديوارن تي چن ۽ مٽيءَ جو ليپو ڏنل آهن. گنبذ ابتي گول پيالي وانگر آهي. مرمت نه ٿيڻ ڪري مقبري جي حالت زبون آهي. مقبري ۾ شادي خان چانڊيي سان گڏ سندس گهر واري به دفن ٿيل آهي. ٻنهي قبرن تي ڪو به ڪتبو وغيره لڳل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو